پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته احتجاجي مظاهرا آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ٿيڻ گهرجن، احتجاج وڳوڙن ۾ تبديل ٿيو ته برداشت نه ڪيو ويندو، مظاهرن دوران ماڻهو جيلن مان ڀڄي ويا ته جيل خالي ٿي ويندا، مولانا فضل الرحمان ٻڌائي ته ڪهڙي آئيني ترميم سان انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي، سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍيا ويا ته وڌيڪ نقصان ٿيندو.
سکر جي احتساب ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه، اويس قادر شاهه ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه، اويس قادر شاهه ۽ ٻيا وڪيلن سميت عدالت ۾ پيش ٿيا.
احتساب عدالت هڪ جو جج موڪل تي هئڻ سبب ٻڌڻي 26 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته احتجاجي مظاهرا آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ٿيڻ گهرجن.
سندس چوڻ هو ته احتجاج وڳوڙن ۾ تبديل ٿيو ته برداشت نه ڪيو ويندو، مظاهرن دوران ماڻهو جيلن مان ڀڄي ويا ته جيل خالي ٿي ويندا.
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته مولانا فضل الرحمان ٻڌائي ته ڪهڙي آئيني ترميم سان انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي، سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍيا ويا ته وڌيڪ نقصان ٿيندو.
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10
°
C
10
°
10
°
26%
1.4m/s
1%
اڱارو
10
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


