جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جي زراعت تباهه ٿي ويندي، سنڌ اڳواٽ ئي ڀاڻي جي شديد کوٽ ڀوڳي رهي آهي، ڊيلٽا تباهه پيو ٿئي، سنڌوءَ تي ڪئنال ڪنهن به ريت برداشت نه ڪيا ويندا.
جسقم بشير خان قريشي جا مرڪزي اڳواڻ 22 نومبر تي اعلانيل ڌرڻي جي جاڳرتا مهم لاءِ پڪاچانگ سميت اڪري چودڳي، ڀنگوبهڻ، حسين پاتو ۽ ٻين هنڌن تي پهتا.
ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ، شاذ خادم ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جي زراعت تباهه ٿي ويندي.
هنن چيو ته سنڌ اڳواٽ ئي پاڻي جي شديد کوٽ ڀوڳي رهي آهي، ڊيلٽا تباهه پيو ٿئي، اڌ سنڌ ۾ ٻن بدران هڪ فصل ٿي رهيو آهي.
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين چيو ته هاڻي وري سنڌو تي وڏو ڌاڙو هڻڻ جي منصوبابندي ٿي رهي آهي، سنڌو جياپو آهي، سنڌو سڪڻ سان جياپو ئي ختم ٿي ويندو.
هنن چيو ته اڃا جدوجهد جي شروعات ڪئي آهي، پيپلزپارٽي مذمتي بيان بازي ڪري ٻٽو معيار نه رکي، سنڌو سنڌين جي ساهه جي رڳ آهي.
جسقم اڳواڻن ڪارڪنن ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته نوشهرو فيروز واري ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري ٻڌي جو ثبوت ڏنو وڃي.
سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جي زراعت تباهه ٿي ويندي:ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.5
°
C
18.5
°
18.5
°
15%
1.8m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


