- Advertisement -
ايس يو پي جي صدر سيد زين شاھ چيو آھي تھ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سمنڊ وڌيڪ زمينون ڳڙڪائيندو ۽ لکين ماڻھو دربدر ٿيندا.
ميرپورخاص ۾ ڊسٽرڪٽ بار سميت ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو تھ چولستان ڪئنال سسٽم فيز ون جو مطلب آھي تھ فيز ٽو ۾ وري ٻيا ڪئنال ٺھندا، پر پھرين فيز ۾ ڊيم بھ ٺاھيو ويندو، جتان اھو پاڻي کنيو ويندو ۽ ان ھڪڙي سسٽم تي ئي 36 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي.
ھن چيو تھ ھڪ طرف چون ٿا تھ ٻوڏ جو پاڻي انھن ڪئنال ۾ ڇڏيو ويندو پر وري ٻئي پاسي چون ٿا تھ اھي ڪئنال ٻارنھن ئي مھينا ھلندا.
سيد زين شاھ چيو تھ سنڌ جو رڳو پاڻي نھ کنيو ويندو پر زمينون بھ کنيون وينديون، اھڙيءَ ريت سندن زمينن جا مالڪ ٻيا ھوندا.
هن چيو تھ نون ڪئنال سان ڪوٽڙي بئراج، سکر ۽ گڊو بئراج جي 36 لک ايڪڙ زمين متاثر ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته پاڻيءَ جي کوٽ سبب سمنڊ لاڙ واري پاسي جون 28 ديھون ڳڙڪائي چڪو آھي، اڃا وڌيڪ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويندو ۽ لکين ماڻھو دربدر ٿيندا.
ورڪرز ڪنوينشن کي لالا اظھر پٺاڻ، محمد خان مري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.- Advertisement -
