مخصوص سيٽن واري ڪيس جي اقليتي فيصلو،اڪثريتي فيصلي ۾ بنيادي شين کي نظر انداز ڪيو ويو

- Advertisement -
مخصوص سيٽن واري ڪيس جي اقليتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اڪثريتي فيصلي ۾ بنيادي شين کي نظر انداز ڪيو ويو، نه آئين نه ئي ايڪٽ کين اختيار ڏي ٿو ته هو کين ڪنهن ٻي سياسي پارٽيءَ ۾ شموليت جي هدايت ڏين، ملڪ جو نظام عوام طرفان چونڊيل نمائندا هلائيندا آهن، ججن کي ذاتي ترجيحن بدران طئه ٿيل قاعدن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس جمال مندوخيل اقليتي فيصلو جاري ڪيو آهي، جڏهن ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اضافي نوٽ به لکيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چوڏهن صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ لکيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيصلي ۾ لکيو ته آئيني ڀڃڪڙين ۽ ڪوتاهين جي نشاندهي سندس فرض آهي ۽ اميد آهي ته اڪثريتي ججن پنهنجي غلطين تي غور ڪري درست ڪندا. فيصلي ۾ چيو ويو ته پاڪستان جو آئين لکت ۽ آسان ٻوليءَ ۾ آهي، هو اميد ٿو ڪري ته اڪثريتي جج پنهنجون غلطيون سڌاريندا. اقليتي فيصلي ۾ چيو ويو ته جج يقيني بڻائڻ ته پاڪستان جو نظام آئين تحت هلي، بدقسمتيءَ سان اڪثريتي مختلف فيصلي خلاف نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي نه ٿي سگهي. چيف جسٽس اقيلتي فيصلي ۾ لکيو ته ڪميٽي اجلاس ۾ جسٽس منيب ۽ جسٽس منظور نظرثاني مقرر نه ڪرڻ وارو موقف اختيار ڪيو، اميد ته اهي پنهنجي غلطين جو تدارڪ ڪندا. اقليتي فيصلي ۾ چيو ويو ته دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سندن آئين سولو آهي، اڪثريتي فيصلي ۾ ڪيس جي بنيادي شين کي نظرانداز ڪيو ويو. فيصلي موجب ملڪ جو نظام عوام طرفان چونڊيل نمائندا هلائيندا آهن، ججن کي ذاتي ترجيحن بدران طئه ٿيل قاعدن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. اقليتي فيصلي موجب هنن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت ڪندڙ 80 اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جو جائزو ورتو. فيصلي ۾ چيو ويو ته 41 اميدوارن واضح طور پاڻ کي آزاد اميدوار قرار ڏنو، شيڊيل موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ 20 ڊسمبر 2023ع کان 24 ڊسمبر 2023 تائين هئي. اقليتي فيصلي ۾ چيو ويو ته ڪنهن به اميدوار يا پي ٽي  آءِ قيادت دعويٰ نه ڪئي ته آزاد اميدوار پارٽي جا اميدوار هئا، نه ئي رڪارڊ ۾ ڪا اهڙي شيءِ آهي جيڪا ظاهر ڪري ته 41 اميدوارن کي آزاد اميدوار بڻجڻ تي مجبور ڪيو ويو. فيصلي موجب رڪارڊ تي ناهي ته 41 اميدوارن تي ڪنهن قسم جو دٻاءُ وڌو ويو، اهڙين حالتن ۾ ڪو به اهڙو سبب ناهي ته انهن 41 ڄڻن کي پي ٽي آءِ جو نامزد اميدوار سمجهو وڃي. اقليتي فيصلي موجب جج ڪيسن جو فيصلو آئين قانون  ۽ دستياب مواد جي بنياد تي ڪندا آهن، اهڙي ڪنهن به دعويٰ جي حمايت رڪارڊ مان ٿيڻ گهرجي جيڪا هن معاملي ۾ موجود ناهي، اهي 41 اميدوار آزاد هئا. فيصلي ۾ چيو ويو ته  معزز اڪثريتي ميمبرن 41 آزاد اميدوارن کي اختيار ڏنو ته اهي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، انتهائي احترام سان گڏ هو اڪثريتي ججن جي فيصلي سان اتفاق نه ڪن. اقليتي فيصلي ۾ چيو ويو ته هو اتفاق نٿا ڪن ته 41 آزاد اميدوارن کي موقعو فراهم ڪيو وڃي، انهن پنهنجو آئيني حق استعمال ڪندي سني اتحاد ۾ شامل اختيار ڪئي، نه آئين نه ئي ايڪٽ کين اختيار ڏي ٿو ته هو کين ڪنهن ٻي سياسي پارٽيءَ ۾ شموليت جي هدايت ڏين. اختلافي فيصلي ۾ چيو ويو ته آئين ۽ قانون اجازت نه ٿو ڏي ته ميمبرن کي ڪنهن ٻي سياسي پارٽيءَ ۾ شموليت لاءِ پندرهن ڏيهن جو موقعو ۽ اضافي رستو ڏنو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
53%
2.4m/s
2%
ڇنڇر
31 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون