تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي بنجر بنائڻ جي سازش آهي:ڊاڪٽر قادر مگسي

- Advertisement -
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي بنجر بنائڻ جي سازش آهي، جنهن کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف 8 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن ۾ ڌرتي ڌڻي ڪئنالن کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪندا. هن چيو ته سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ٿيو آهي، هو سمجهن ٿا ڪئنال اڏڻ سنڌ دشمن منصوبو آهي، جنهن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. سندس چوڻ هو ته ڪئنالن جي اڏاوت جو فيصلو مشرف دور ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ 8 ڪئنال ٺاهڻا هئا، کين چيو ويو ته اوهان کي ريڻي ڪئنال ٺاهي ٿا ڏين، جنهن تي هُنن چيو ته کين ڪئنال نه گهرجي، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج کي پاڻي ڏنو وڃي، جنهن بعد ڪئنالن جو منصوبو سرد خاني حوالي ٿي ويو. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته بيروزگاري عذاب بڻيل آهي، حڪمران اربين روپين جا سنڌ دشمن منصوبا ٺاهي رهيا آهن، پنجاب ۾ شروع ٿيندڙ چولستان ڪئنال لاءِ 211 ارب روپيا رکيا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته ڪئنالن خلاف 8 ڊسمبر تي گورنر هائوس ڪراچي آڏو تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو جنهن ۾ لکين سنڌ واسي شريڪ ٿيندا. ان موقعي ايس ٽي پي اڳواڻ گلزار سومرو، عاشق ٿهيم، خير محمد مگسي ۽ ٻيا موجود هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون