تازه ترين

 سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري ۽ ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز ڄامشوري پاران ڪتابن جي ڊجيٽائيزيشن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

- Advertisement -
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري ۽ ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز ڄامشوري پاران ڪتابن جي ڊجيٽائيزيشن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. سنڌي ادبي بورڊ  ۽ ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز ڄامشوري ڪتابن ۽ ناياب مسودن جي ڊجيٽائيزيشن، عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۽ باضابطه طور يادداشت نامو صحيح ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي وفد آئي ٽي جي سربراهه نرنجن راجاڻي ۽ آئي ٽي انچارج حسنين پنهور جي اڳواڻي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان “عاطف” جي آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ادارن جي  عملدارن  پاران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڳالهه ٻولهه دوران تاريخي ۽ انمول ڪتابن توڙي ناياب مسودن کي ڊجيٽائيزيشن ڪرڻ، گڏيل طور عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۽ ٻنهي ادارن وچ ۾ يادداشت نامو ترتيب ڏئي صحيح ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان “عاطف” وفد سان ڳالهائيندي چيو ته ادبي بورڊ ويجھڙ ۾ ڪيترن ئي قيمتي ۽ ناياب ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم مڪمل ڪيو آھي جڏھن ته اڃا به وڌيڪ ڪتابن کي ڇپائڻ جو مرحلو جاري آهي. هن چيو ته سندن ڪوشش آھي ته نئين ٽهي جي اديبن کي به همٿائجي ته جيئن وڌيڪ ادبي مواد هٿ ڪري سگهجي ۽ نوجوانن جي همت افزائي ٿي سگهي جيڪي مستقبل ۾ قيمتي ادبي مواد سرجڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. مخدوم سعيد الزمان”عاطف” چيو ته جديد دور جي تقاضاعن موجب ڪتابن جي ڊجيٽائيزيشن بهتر عمل آهي ان سان ڪتاب تاحيات محفوظ بڻجي ويندو ۽ اهڙي عمل جي حوصلا افزائي ڪرڻ سان گڏوگڏ عملي طور ڪم ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
scattered clouds
32.1 ° C
32.1 °
32.1 °
13 %
1.9kmh
49 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون