سنڌڙي جي علائقي ڦلھڏيون ڀرسان چلهه مان اٿيل چڻنگ سبب پورهيتن جا 4 گهر سڙي ويا.
ڳوٺ مولوي عبدالله مري ۾ چلھه مان اٿيل چڻنگ سبب ميگھواڙ برادري جا 4 گھر سڙي رک ٿي ويا.
باهه لڳڻ سبب ھڪ گابو سڙي مري ويو ۽ ھڪ سڙي زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ڪڻڪ جا 20 مڻ سڙي ويا .
ٻڌايو پيو وڃي ته سڙي ويل گھرن ۾ ريجھو ميگھواڙ، لوڻيو ميگھواڙ، سروڻ ميگھواڙ، مھرڻ ميگھواڙ جا گھر سڙي رک ٿي ويا آهن.
بروقت اطلاع باوجود ھڱورنو ٽائون جي فائربرگيڊ نه پھتي، ڊي سي ميرپورخاص جي ھدايت تي ميرپورخاص ميونسپل جي فائربرگيڊ پھچي باھ تي ضابطو آندو.