تازه ترين

سنڌ اسيمبليءَ جي آفيسرن وچ ۾ اختيارن جي جنگ سبب پول کُلڻ شروع ٿي ويا

سنڌ اسيمبليءَ جي آفيسرن وچ ۾ اختيارن جي جنگ سبب پول کُلڻ شروع ٿي ويا جڏهن ته 5 ڪروڙ ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي.

سنڌ اسمبليءَ جي سينيئر سيڪريٽري محمد خان رند، ٻن ايڊيشنل سيڪريٽرين ۽ اسسٽنٽ سيڪريٽري جا ثبوت چيف سيڪريٽري حوالي ڪري ڇڏيا.

محمد حبيب سميجو، طارق حسين مهر ۽ منور علي راهو ملازمن جي اسپيشل الائونس ۽ اعزازيي ۾ ڪرپشن ڪئي.

اعزازيي ۽ اسپيشل الائونس جي مد ۾ 17 ڪروڙ 46 لک 20 هزار 407 رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي.

ٽنهي آفيسرن سنڌ اسيمبلي ملازمن کان انڪم ٽيڪس بچائڻ جي نالي تي ٻه ڪروڙ رپيا روڪ ۽ چيڪ وصول ڪيا.

هڪ سئو کان وڌيڪ ملازمن ڪيش بدران چيڪ ڏنا جنهن جي نشاندهي ٽنهي آفيسرن جي صحي ڪيل رقم جي وصولي ذريعي ڪئي.

گريڊ 18 جي ​​ملازمن کان 50 هزار، گريڊ 14 کان 17 تائين 40 هزار وصولي ڪئي وئي.

يارهين کان تيرهين گريڊ تائين 20، ستين کان ڏهين گريڊ تائين 10 ۽ ٽئين کان ڇهين گريڊ جي ملازمن کان 5 هزار چيڪ يا ڪيش وصول ڪيا ويا.

سڌي ريت وصولي کانسواءِ  25 ملين رپيا انڪم ٽيڪس مد ۾ خزاني کي ڌار نقصان ڏنو ويو.

ملازمن کي رقم جي سيلري سلپ ۾ منتقل ڪرڻ بدران چيڪ جي صورت ۾ ڊي ڊي او اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي وئي.

اي جي سنڌ آفيس جي ملازمن جي ملوث هجڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي.

محمد خان رند چيف سيڪريٽري سنڌ کي خط لکي سمورن ثبوتن جي بنياد تي ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي.

خط جي جواب ۾ اينٽي ڪرپشن معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

چيف سيڪريٽري سنڌ جيڪو اينٽي ڪرپشن جو چيئرمين به آهي ٽنهي آفيسرن کان اڄ ٽن سالن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون