تازه ترين

سنڌ اسيمبليءَ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 71هين سالگره جي موقعي تي شهيد بي بي کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪرڻ بابت ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظوري ڪري ورتو

- Advertisement -
سنڌ اسيمبليءَ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 71هين سالگره جي موقعي تي شهيد بي بي کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪرڻ بابت ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظوري ڪري ورتو. اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي هير سوهو، نثار کهڙي، شازيه سنگهار ۽ خير النساءَ مغل پاران شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي سالگره تي سندس مغفرت لاءِ دعا گهرائي وئي. پ پ ايم پي ايم هير سوهو پاران مڪي شريف ۾ گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿيل حاجي سڳورن جي مغفرت لاءِ به دعا گهرائي وئي. سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران پ پ سنڌ جي صدر، ايم پي اي نثار کهڙي شهيد بي بي کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪرڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ بابت خطاب ڪندي نثار کهڙي چيو ته هڪ اهڙي شخصيت جنهن پنهنجي ملڪ لاءِ جان ڏني، جيل ڪاٽيا ۽ سختيون برداشت ڪيون، اڄ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي سالگره جو ڏينهن آهي ان حوالي سان هو ٺهراءُ پيش ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته محترمه بينظير ڀٽو کي ملڪ ۽ عوام لاءِ ڏنل قرباني تي ڀرپور خراج عقيدت ۽ ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن. نثار کهڙي چيو ته شهيد راڻي هن ملڪ لاءِ تمام وڏي قرباني ڏني، محترمه بينظير ڀٽو کي هن ايوان ذريعي ڀيٽا پيش ڪن ٿا، ڀٽو صاحب کان بعد ڪيترائي ماڻهو ڏک ۾ هئا، بينظير ڀٽو به تڪليفون ڏٺيون ۽ جيل ۾ رهي. هن چيو ته شهيد راڻي ملڪ جي سلامتي، پارليامينٽ ۽ آئين جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪئي، پيپلزپارٽي ڪنهن ٻي پارٽي جيان پارليامينٽ کي ڪمروز ڪرڻ تي يقين نٿي رکي. نثار کهڙي چيو ته شهيد راڻي کي ملڪ بدر ڪيو ويو پر هوءِ خوفزده نه ٿي واپس ڏيهه آئي ۽ آمريت جو مقابلو ڪيو، جڏهن بينظير ڀٽو واپس آئي ته سازشون شروع ڪيون ويون ۽ ڌماڪا ڪرايا ويا، 18 آڪٽوبر ۽ 27 ڊسمبر تي واردات واري هنڌ کي صاف ڪيو ويو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد راڻي جو مشن جاري رکندو. سنڌ اسيمبليءَ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 71هين سالگره جي موقعي تي شهيد بي بي کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪرڻ بابت ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظوري ڪري ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
20 %
3.6kmh
0 %
آچر
29 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون