تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ سرڪار طرفان ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۽ سيف سٽي پروجيڪٽ تي ڪم تيز ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ سرڪار ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن، سيف سٽي پراجيڪٽ تي ڪم تيز ڪرڻ ۽ سي ٽي ڊي کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته هو سيف سٽي پراجيڪٽ لاءِ ڪم تيز ڪرڻ چاهين ٿا، آءِ جي سنڌ سيف سٽي منصوبي لاءِ ضروري سهولتون فراهم ڪري، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڌاڙيلن خلاف ٽرائي بارڊر مئنيجمينٽ سسٽم ٺاهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيف سٽي پراجيڪٽ، ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن، سي ٽي ڊي کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ بابت غور ۽ فيصلا ڪيا ويا. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ايس فور منصوبي جو گذريل ڏينهن افتتاح ڪيو آهي، هاڻي کيس سيف سٽي تي ڪم ٿيندي نظر اچڻ گهرجي، سيف سٽي لاءِ هلندڙ مهيني جي آخر ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي شمپنٽ اچي ويندي، فائبر آپٽڪ ڪيبل وڇائڻ لاءِ رائيٽ آف وي جي اين او سي ورتي پئي وڃي. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ايمرجنسي ريسپونس وهيڪل هري پور کان هن هفتي اچڻ شروع ٿي ويندا. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو سيف سٽي تي ڪم تيز ڪرڻ چائن ٿا، آءِ جي سنڌ، سيف سٽي منصوبي لاءِ ضروري سهولتون فراهم ڪري. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس پيٽرولنگ وڌائي وئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جي جنهن علائقي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌيڪ هجي اتي پوليس آفيسرن کي جوابده ڪريو. صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته پوليس ٿاڻن جا دورا شروع ڪيا آهنم اسٽريٽ ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪري رهيا آهن. آءِ جي سنڌ، وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي، آپريشن ۾ پوليس ۽ رينجرز جون گڏيل ڪارروايون جاري آهن، 14 ڊرون ڪيمرا، سکر، گهوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور کي ڏنيون آهن، ڪيمرائن سان ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي ٿاڪن تي نظر رکي ويندي. صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته وڌيڪ 20 ڊرون ڪيمرائن جي ضرورت آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪندي چيو ته ڪچي جي پوليس اهلڪارن کي جديد هٿيار هلائڻ جي سکيا ڏني وڃي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي پوليس اهلڪارن کي سکيا ڏني آهي، وڌيڪ سکيا ڏئي رهيا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪرائيم ڪندڙ ڌاڙيلن خلاف ٽرائي بارڊر مئنيجمينٽ سسٽم ٺاهن. آءِ جي سنڌ چيو ته ٽرائي بارڊر بابت اجلاس فيبروري 2024ع کان جاري آهي، ٽرائي بارڊر ميٽنگز ۾ بهاولپور، رحيم يار خان ۽ راجن پور جي سينيئر پوليس آفيسرن سان رابطا ڪري رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير ڪائونٽر ٽيررازم پوليس کي چار ريجنل ڪمپليڪس بڻائڻ جو ڪرڻ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سي ٽي ڊي جا چار ريجنل ڪمپليڪس حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪيا پيا وڃن. سنڌ سرڪار سي ٽي ڊي ريجنل ڪمپليڪس لاءِ 2 ڏهائي 8 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سافٽ ويئر ۽ فارنزڪ ٽولز لاءِ 400 ملين رپيا پوليس ڏنا آهن. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ آگاهي ڏيندي چيو ته سافٽ ويئر ۽ فارنزڪ ٽولز انسٽال ٿي چڪا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه سافٽ ويئر کي فوري طور فعال ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي ڪيسن جي پراسيڪيوشن بهتر ٿي آهي، 2023ع جي ستن ڪيسن ۽ 2024ع جي 11 ڪيسن ۾ سزائون ٿيون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
30 %
3.6kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون