تازه ترين

سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني احتساب عدالت ۾ پيش

آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس  ۾ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو،  نيب آغا سراج دراني ۽ سندس خاندان خلاف رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، ڪيس جي ٻڌڻي 22 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي.

ان موقعي تي آغا سراج دراني عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته13 آگسٽ تي اسيمبلي ٽوڙي وئي ته چونڊ 90 ڏينهن اندر ٿيندي.

آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته وزيراعظم 9 آگسٽ تي اسيمبلي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي پر  سنڌ اسيمبلي بابت فيصلو وڏو وزير ڪندو. آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته چئن سالن کان ڪيس هلي رهيو آهي پر ضمانت نه پئي ملي، هو ضمانت لاءِ فٽبال وانگر مختلف عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17.6 ° C
17.6 °
17.6 °
32 %
1kmh
7 %
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
25 °
خميس
25 °
جمعو
25 °

تازه ترين خبرون