تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت تبديل ڪرڻ کي 4 سال مڪمل ٿيڻ بعد، ڪشمير جي استحصال جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت تبديل ڪرڻ کي 4 سال مڪمل ٿيڻ بعد، ڪشمير جي استحصال جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپوخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنز جي ننڍن وڏن شهرن ۾  ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن خلاف ريليون ڪڍيون پيون وڃن.

نوابشاهه ۾ ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي اسسٽنٽ ڪمشنر علي شير جمالي، ايجوڪيشن آفيسر نبي بخش چانڊيو، اسسٽنٽ مختيار ڪار عزيز لاکو، سرفراز لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

جيڪب آباد ۾ 5 آگسٽ ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي ڊپٽي ڪمشنر محمد يوسف شيخ، اسسٽنٽ ڪمشنر شهزاد احمد، اي ايس پي شهزاد احمد، مختيار ڪار غلام عباس سڌايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان ڊي سي چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.

ڪنڌڪوٽ ۾ به ڪشمير جي استحصال واري ڏهاڙي تي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان گهنٽا گهر چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.

نوشهرو فيروز ۾ ڪشمير جي استحصال واري ڏهاڙ تي ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ اي ڊي سي ٽو عمار شاهه،  ڊي ايڇ او اسد الله ڪلهوڙو، سليم خانزادي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

بدين ۾ ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي ضلعي ناظم علي اصغر هاليپوٽو۽ اي ڊي سي ٽو وقار ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍئي وئي.

ڇاڇري ۾ ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ٽائون چيئرمين مير مرتضيٰ بجير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ٽنڊو باگو ۾ يوم استحصال ڪشمير تي اسسٽنٽ ڪمشنر اشتياق احمد منگي جي اڳواڻي ۾ اي سي آفيس کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

ڪنري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جنيد عالم جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪميٽي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

ڪوٽ غلام محمد ۾ ڪشمير جي استحصال جو ڏهاڙي تي مختيار نظير احمد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ گورنمينٽ بوائز کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

پيارو لنڊ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مختيار ڪار جهنڊو مري غلام شبير ميرجت جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 5 آگسٽ تي مودي سرڪار ڪارو قانون پاس ڪري ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪئي.

هنن چيو ته ، سلامتي ڪائونسل ۾ والاريل ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي عالمي سطح تي مڃيو ويو آهي.

اڳواڻن چيو ته ڪشمير تي  قابض ڀارتي فوج روز مسلمانن جو قتل عام ڪري رهي آهي، عورتن سان اجتمائي زيادتيون ڪيون پيون وڃن.

هنن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته ڀارت جي ڪاري قانون کي ختم ڪري والاريل ڪشمير  جي خاص حيثيت بحال ڪئي وڃِي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.5 ° C
19.5 °
19.5 °
41 %
0.7kmh
100 %
ڇنڇر
19 °
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون