- Advertisement -
جي ڊي اي پاران چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاج دوران 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
سنڌ اسيمبلي ٻاهران جي ڊي اي، جماعت اسلامي، جي يو آءِ ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جو احتجاج جاري آهي.
احتجاج دوران پوليس ۽ جي ڊي اي ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي.
پوليس پاران ڪارڪنن تي لٺبازي به ڪئي وئي، جڏهن ته عورتن سميت 50 کان وڌيڪ ڪارڪن کي گرفتار ڪيو ويو.
ڪراچي ٽول پلازه تي جي يو آءِ ڪارڪنن کي پوليس پاران روڪيو ويو آهي.
جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومري جو چوڻ آهي ته پرامن احتجاج سندن حق آهي، سنڌ اسيمبلي ٻاهرا هر صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شهر ۾ قلم 144 لاڳو آهي، ڪنهن کي به ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو……- Advertisement -
