تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ اسيمبليءَ جي نون چونڊيل ميمبر پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو

- Advertisement -
سنڌ اسيمبلي ۾ نون چونڊيل 145 ميمبرن ايم پي اي  طور قسم کڻي ورتو. سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج درانيءَ جي صدارت هيٺ 40 منٽ دير سان شروع ٿيو. اجلاس جي شروعات ۾ ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته هو پارٽي قيادت جو ٿورائتو آهي ۽ چونڊجي آيل سڀني ميمبرن کي واڌايون ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان  آهي ته هو سڀ آهن، سنڌ اسيمبلي خلاف ڌرڻو هنيو پيو وڃي، ان اسيمبليءَ پاڪستان ٺاهيو  آهي، ان جي توهين ڪرڻ نه ڏني ويندي. آغا سراج دراني چيو ته روايتن موجب ايوان 5 سال هلندو، ايوان ۾ ويٺل مخالف ڌر جي ميمبر کي به هو ڀليڪار ڪري ٿو. هن چيو ته هو گڏجي ڪم ڪندا، جنهن کي تڪليف آهي اهو اليڪشن ٽربيونل وڃي،  احتجاج ڪندڙن کي عوام رد ڪري چڪو آهي، هو کين ايوان ۾ گهڙڻ نه ڏيندا. اجلاس دوران سڀ کان پهريان آغا سراج درانيءَ ايم پي اي طور قسم کنيو، جنهن ۾ چونڊيل آيل ايم پي ايز کي قسم کڻايو. سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ قسم کنيو. قسم کڻڻ بعد پ پ جي ميمبرن طرفان جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا ويا. سنڌ اسيمبلي جي چئن ميمبرن جا معاملا مختلف سبب جي ڪري ملتوي آهن، پي ايس 129 تي حافظ نعيم جي سيٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿيو ۽ پي ايس 80 تي چونڊيل ميمبر عبدالعزيز جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو هو. سني اتحاد ڪائونسل جي نون مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن به جاري ناهي ٿيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
31 %
2.1kmh
0 %
خميس
22 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون