سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته ڪچي ۽ پڪي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو ويندو، اسان جي فوج ڀارت سان مقابلو ڪري سگهي ٿي ته ڏوهاري ڪهڙي ڳالهه آهن.
سنڌ جو نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز ۽ آءِ جي سنڌ رفعت مختار ڪنڌڪوٽ جي مهر دراني ٿاڻي جو دورو ڪيو.
ايس ايس پي ڪشمور طرفان ڪچي ۾ هلندڙ آپريشن ۽ امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي نگران گهرو وزير حارث نواز جو چوڻ هو ته ڪچي مان مقابلي بعد ساگر ڪمار جي بازيابي سٺو عمل آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪچي ۾ ڊيوٽي ڪندڙ اهلڪارن کي اضافي الائونس ڏنو ويندو، ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو آپريشن ڌاڙيلن جي خاتمي تائين جاري رهندو.
نگران گهرو وزير چيو ته ڪچي ۾ هر صورت ۾ امن بحال ڪرايو ويندو.
سندس چوڻ هو ته قبيلائي نظام وڏو مسئلو آهي جنهن سبب ڏوهاري پيدا ٿين ٿا.
حارث نواز جو چوڻ هو ته ڪچي ۾ اهلڪارن کي اضافي 10 هزار رپيا الائونس ڏنو ويندو.


