- Advertisement -
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير جيالو هوندو، سنڌ اسيمبليءَ ۾ نوان چونڊيل ميمبر سڀاڻي قسم کڻندا، سنڌ حڪومت ۽ ڪي ايم سي گڏجي ڪم ڪندا، ڪراچي جي خدمت جو عمل بنا فرق جي جاري رهندو، عوامي مسئلا رڳو نوجوان قيادت ئي حل ڪري سگهي ٿي.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته 15 شعبان جون تياريون جاري آهن، سندن اسٽاف قبرستانن ۽ گهٽين ۾ نظر اچي پيو.
سندس چوڻ هو ته جماعت اسلامي سندن اتحادي ناهي، بنا ڪنهن فرق جي ڪراچي جي خدمت جو عمل جاري رهندو.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته تازو ٿيل چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ مڪاني ادارن جي چونڊ ۾ جماعت اسلامي چونڊجي آئي، سينٽرل ضلعي ۾ جماعت اسلامي جو چيئرمين آهي.
هن چيو ته لياقت آباد ۾ سيوريج مسئلا حل ڪيا پيا وڃن، ڪراچي شهر جون رونقون ۽ امن بحال ٿيندو.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي سٽي نرسنگ ڪاليج مان 270 ٻار تعليم حاصل ڪندا، نرسنگ اسڪول جا ٻار مفت تعليم حاصل ڪندا، جيڪڏهن فيصلو نه ڪيو ته ادارا بند رهندا قانون موجب فيصلا ڪندا رهندا.
هن چيو ته پيپلز پارٽي سڀني شهرين جي ڪرسي ۾ آهي، سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، سنڌ جو وڏو وزير جيالو هوندو، سنڌ اسيمبليءَ ۾ نوان چونڊيل ميمبر سڀاڻي قسم کڻندا، سنڌ حڪومت ۽ ڪي ايم سي گڏجي ڪم ڪندا.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعظم پاران اعلانيل 125 ارب رپين جي بجيٽ کي فوري طور جاري ڪرڻ جي اپيل ڪندا ته جيئن ڪي فور تي ڪم ڪري سگهجي، چونڊيل نمائندن کي فيصلو ڪرڻ ڏيو ۽ تنظيم کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو.- Advertisement -
