خيرپور: فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي ٻڌڻي 2 مارچ تائين ملتوي

- Advertisement -
خيرپور جي عدالت راڻيپور جي حويلي ۾  زيادتي کانپوءِ بيدردي سان قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس ۾ نامزد ايس ايڇ او امير چانگ جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي 2 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ راڻيپور جي حويلي ۾  زيادتي کانپوءِ بيدردي سان قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران پوليس ڪيس جي مک جوابدار پير اسد شاهه، فياض شاهه، حنا شاهه ۽ امتياز ميراثي کي عدالت ۾ پيش ڪيو. ڪيس ۾ نامزد ايس ايڇ او امير چانگ جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي نه ٿي سگهي. ايس ايڇ او امير چانگ گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي. عدالت پوليس کي ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ڪيس ۾ نامزد ايس ايڇ او امير چانگ جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي 2 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون