سنڌ جي تعليم کاتي جي 56 گوسڙو ملازمن جي پرڏيهه ۾ هجڻ جو انڪشاف

spot_img
سنڌ جي تعليم کاتي جي 56 گوسڙو ملازمن جي پرڏيهه ۾ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. تعليم کاتي جي 56 گوسڙو ملازمن جي ٽريول هسٽري سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل هٿ ڪري ورتي. سنڌ جي تعليم کاتي جا ملازم چائنه، دبئي، جاپان، ايران، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ موجود آهن. گوسڙو ملازمن ۾ امام بخش عباسي، محمد ياسر حسن، محسن علي، نزهت ناهيد، سيد ارتضيٰ، ام حبيبه ۽ ٻيا شامل آهن. اهڙي انڪشاف بعد مونيٽرينگ اينڊ اِويليوشن جي ڊائريڪٽر جنرل زين العابدين انصاري سيڪريٽري ايجوڪيشن کي خط لکي سموري گوسڙو ملازمن جون پگهارون بند ڪري نوڪرين تان هٽائڻ جي تجويز ڏني آهي. ڊائريڪٽر ايم اينڊ اِي زين العابدين انصاري موجب تعليم کاتي جا استاد ۽ ٻيا گوسڙو ملازم ٻاهرين ملڪن ۾ هجڻ جي ڊائريڪٽرن توڙي ڊي اِي اوز به نشاندهي نه ڪئي. ڊي جي ايم اينڊ اي طرفان سيڪريٽري تعليم کي لکيل خط ۾ چيو ويو ته غير حاضر رهندڙ ملازمن جي رپورٽ نه ڏيندڙ ڪامورن ۽ عملدارن خلاف به انڪوائري ڪئي وڃي. ڊيٽا موجب ملازم محمد يعقوب درس 2013 کان 2022 تائين دنيا جا مختلف ملڪ گهمندو رهيو. ڊيٽا موجب يعقوب درس پهريان چائنه جا ٽي ٽوئر، پوءِ سعودي عرب، بعد ۾ سريلنڪا ۽ وري واپس چائنه ويو. ڊيٽا موجب ملازم اظهر احمد ٽي ڀيرا جاپان ۽ ٽي ڀيرا دبئي ويو ۽ ملازم ڪامران احمد 2014 کان 2024 تائين مسلسل دبئي ويندو رهيو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13%
2.5m/s
0%
خميس
18 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون