تازه ترين
سنڌ سرڪار پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾نئين جديدطريقي سان اصلاحات آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي افغان پناهگيرن کي گند کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جو عمل غير قانوني آهي:سعيد غني آئيني ترميمون دليري سان پيش ڪندا، مخالف ڌر کي گهٻرائڻو ناهي:اعظم نذير تارڙ ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ ميزبان چين سنسني خير مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ل... آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز ميثاق جمهوريت ۾ موجود آهي:خواجه آصف سياسي رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ باوجود آئيني ترميمون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي مسلم ليگ نون جي سينيٽر ع... سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪر... هي ڪهڙي قسم جون ترميمون آهن، جيڪي ڪابينا، وزيرن، اتحادين ۽ مخالف ڌر کان به لڪايون پيون وڃن:حافظ حمد ... ننگرپارڪر ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڪارونجهر جبل جي امڪاني نيلامي خلاف ڌرتي ڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي نڪري آي...

سنڌ جي مختلف شهرن ۾غزا تي اسرائيلي بمباري خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾غزا تي اسرائيلي بمباري خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا.

ڪراچي ۾ پاڪستان بار جي سڏ تي ڪراچي بار پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو جڏهن ته اهم ڪيسن جون ٻڌڻيون ججز چيمبر ۾ ڪيون.

خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن پاران اسرائيل جي غزا تي حملن خلاف عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪندي ايڊووڪيٽ جعفر علي شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ عدالت کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري اسرائيل جي جهنڊي کي باهه ڏئي ساڙيو ويو.

لاڙڪاڻي ۾ زبيده فضل ڊي سينٽ هاءِ اسڪول پاران فلسطينين جي حمايت ۽ اسرائيلي ظلم خلاف اسد الله، راشد علي مغيري، عمار شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

قاضي احمد ۾ غزا تي اسرائيلي بمباري خلاف سماجي اڳواڻ حفيظ الرحمان جوڻو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسرائيل پاران فلسطينين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي پر افسوس عالمي برادري خاموش آهي.

هنن چيو ته اسرائيل پاران غزا تي بمباري جاري آهي پر گڏيل قومون رڳو اجلاسن تائين محدود آهن.

سندن چوڻ هو ته اسرائيل فلسطينين لاءِ زمين تنگ ڪندي پاڻي، بجلي ۽ تيل سميت امدادي سامان جي پهچ بند ڪري ڇڏي آهي.

اڳواڻن گڏيل قومن سميت عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته فوري طور غزا تي اسرائيل جي بمباري بند ڪرائي فلسطينين کي ريسڪيو ڪيو وڃي………

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
58 %
3.2kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون