تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدامني خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدامني خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن. لاڙڪاڻي ۾ جماعت اسلامي ۽ امن بحالي ايڪشن ڪميٽي پاران سنڌ جي نائب امير حافظ نصر الله، محبت کهڙو، ڪاظم عباسي ۽ عبدالرشيد شيخ جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. قمبر ۾ حافظ نصر الله چنو، حافظ منصور علي ابڙو، عبدالمجيد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بس اسٽينڊ کان بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شهر جي مختلف روڊ رستن جو گشت ڪري ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. شڪارپور ۾ جماعت اسلامي پاران ايس ايس پي آفيس آڏو ايڊوڪيٽ علي اصغر پھوڙ، پروفيسر نظام الدين ميمڻ، عبدالسميع ڀٽي، محمود الاھي ھڪڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جيڪب آباد ۾ شهيد الله بخش سومرو پارڪ کان حزب الله جکرو، ديدار لاشاري، احمد علي بروهي، علامه مقصود علي ڊومڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ڪنڌڪوٽ ۾ جي يو آءِ، ھندو پنچائت، ايس ٽي پي ۽ ايس يو پي سميت مختلف سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن گهنٽا گھر کان احتجاجي مظاھرو ڪري شھر جي مختلف روڊن جو گشت ڪرڻ بعد ايس ايس پي آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو. خيرپور ۾ پراڻي قومي شاھراھ تي ايس ايس پي آفيس آڏو ضلعي امير امتياز حسين سھتو، نظام الدين ميمڻ، مولانا ثناءُالله جوڻيجو، غلام اصغر گھمرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. نوشهروفيروز ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن نعيم ڪنبوهه، شبير خانزادي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ايس ايس پي آڏو ڌرڻو ھنيو. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته بدامني ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته پوليس ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. هنن چيو ته اغوا، ڦرون، چوريون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن، پوليس امن امان بحال ڪرائڻ ۾ ڪو به ڪردار ادا نه پئي ڪري. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
45 %
1.3kmh
8 %
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون