- Advertisement -
ميهڙ ويجهو مگسي ۽ کوسه برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو.
اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ شينهڻ جو دڙو ڀرسان مگسي برادري جا هٿياربند فائرنگ ڪري برڪت کوسي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿيل برڪت کوسو جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال ميھڙ پهچايو.
تعلقه اسپتال ۾ اطلاع تي کوسا برادري جا ماڻهو پهچي ويا، جڏهن ته پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد مقتول جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
مگسي ۽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زرعي زمين جي تڪرار تان ٽي ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن- Advertisement -
