سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات تباهي مڃائي ڇڏي، ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو

- Advertisement -
فريدآباد، جوهي ۽ کيرٿر جي جابلو پٽيءَ ۾ مسلسل برساتن بعد نيون وهي اچڻ سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو. فريد آباد ۽ ڪاڇي واري علائقي کيرٿر جبل تي وقفي وقفي سان برسات سبب نيون وهي اچڻ سبب 30 کان وڌيڪ ڳوٺن جو شهرن سان زخمي رابطو ڪٽجي ويو. فريد آباد ۽ ڪاڇي واري علائقي کيرٿر جبل تي وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. وسڪاري بعد نئين دلان ٻوري سگهرو سميت ٻيون نيون وهي آيون، جنهن سبب شاهه گودڙو، گڙتل ۽ ڪاڇي جي 30 ڳوٺن جو فريد آباد، ميهڙ  ۽ وارهه سان زميني رابطو ڪٽجي ويو. ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي وڃڻ سبب علائقي واسي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. جوهي ۽ کيرٿر جي جابلو پٽيءَ ۾ مسلسل برساتن بعد نئه گاج ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 فوٽ پاڻي جو وهڪرو داخل ٿي ويو. نئه گاج ۾ وهڪرن ۾ تيزي سان واڌ اچڻ بعد نين جو پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ داخل ٿي رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
27.1 ° C
27.1 °
27.1 °
41%
6.7m/s
35%
اڱارو
29 °
اربع
33 °
خميس
34 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون