سڄي ملڪ جيان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به هندو برادريءَ پاران رکشا ٻنڌڻ جو ڏڻ جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.
ساماري ۾ هندو برادري جي ماڻهن ڀيڻ ڀاءُ جي مقدس رشتي جي عظيم ڏڻ تي پنهنجي ڀينرن وٽ وڃي کانئن راکيون ٻڌرايون ۽ ڀينرن کي مٺائي سميت ٻيا تحفا ڏنا.
ڪنري ۾ ڀائرن ڀينرن کان راکيون ٻڌرائي ڀينرن جي حفاظت ڪرڻ جو وچن ورجايو ۽ ڀينرن پنهنجي ڀائرن کي راکيون ٻڌي سندن وڏي ڄمار ۽ خوشحالي لاءِ پراٿنائون ڪيون.
مندرن ۾ پڻ هندو برادري پاران راکي ٻنڌڻ جي ڏهاڙي تي عبادتون ڪيون پيون وڃن.