سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بيدردي سان قتل ڪيل صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جي ڊبليو سي، سياسي سماجي تنظيمن ۽ قلم ڌڻين پاران احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
سانگهڙ ۾ جي ڊبليو سي ۽ صحافي اتحاد جي سڏ تي صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي، انجم آفتاب ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري مک چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.
عمرڪوٽ ۾ پي ايف يو جي جي سڏ تي صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لجپت مالهي، علي مراد دل ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
ڪوٽڙي ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ ۽ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي جي سڏ تي سول سوسائٽي سياسي سماجي ڌرين توڙي قومپرستن طرفان صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌڻي بخش باريجو، قربان پنهور، اسماعيل باريجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ المدينه چوڪ تان احتجاجي مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.
ڳاڙهي شهر ۾ ڪيٽي بندر ۽ ڳاڙهو پريس ڪلب جي قلم ڌڻين سميت سياسي سماجي ڌرين پاران صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف عبدالله راڻو، عزيز لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
تجل ۾ يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف زاهد حسين سهتو، طالب حسين ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڏي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
ڪنب ۾ قلم ڌڻين، شهرين ۽ سماجي اڳواڻن پاران صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احمد رند، اوشاق ڄامڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
هالاڻي ۾ قلم ڌڻين پاران صحافي جان محمد مهر جي قاتلن ۽ مددگارن جي گرفتاريءَ لاءِ ٽيليفون کان باب عاقل شاهه تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.
نئين ديري ۾ قلم ڌڻين ۽ سول سوسائٽي طرفان صحافي جان محمد مهر ۽ اصغر کنڊ جي خون سان انصاف لاءِ ممتاز جکرو، عبدالرحمان سپڙو، عابد سڪندر کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
مديجي ۾ قلم ڌڻين پاران جان محمد مهر جي قتل خلاف ايوب بروهي، سڪندر راهوجو، وحيد جوکيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
ڪڙيو گهنور ۾ قلم ڌڻين پاران صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ناز مٺو، ساحل مهيري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
ٽنڊي غلام علي ۾ قلم ڌڻين ۽ ٻين پاران صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف علي اڪبر خاصخيلي، عالم چند لالواڻي، عرفان احمد کٽي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اڳواڻن چيو ته سکر ۾ بيدردي سان قتل ڪيل صحافي جان محمد مهر جي واقعي جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.
هنن چيو ته جان محمد مهر جو قتل قلم ڌڻين ۽ انسانيت جو قتل، حق سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي، سنڌ ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ جي زندگي کي تحفظ ناهي، سچ لکندڙ قلم ڌڻي سر عام قتل ڪيا پيا وڃن، جيڪا نهايت ڳڻتي جوڳي ڳالهھ آھي.
سندن چوڻ هو ته جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن ۽ مددگارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته صحافي جان محمد مهر جي اصل قاتلن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.
