- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حضرت امام حسين ۽ سندس جانثارن جي ياد ۾ ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جو سلسلو جاري آهي، گهٽي گهٽي ۾ سبيلون قائم ڪري هر پاسي يا حسين يا حسين جون صدائون بلند ڪيون پيون وڃن.
ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن جي ننڍن وڏن شهرن مان ماتمي جلوس برآمد ڪيا پيا وڃن.
ڪراچي ۾ 8 محرم الحرام جو مرڪزي ماتمي جلوس نشتر پارڪ مان برآمد ڪيو ويو، جيڪو روايتي رستن کان ٿيندو حسينيه ايرانيا امام بارگاهه کارادر پهچي نهر ٿيندو.
جلوس جي رستي ۾ ايندڙ گھٽيون ۽ مارڪيٽ ڪنٽينر لڳائي سيل ڪري ايم اي جناح روڊ هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ۾ محرم الحرام ۾ سڪيورٽي کي وڌيڪ اثرائتو ۽ يقيني بڻائڻ لاءِ 8 محرم تي رينجرز ۽ پوليس پاران مختلف علائقن ۾ فليگ مارچ پڻ ڪيو ويو.
مرڪزي ماتمي جلوس جي رستن جي نگراني لاءِ بلند عمارتن تي رينجرز جي سنائيپرز کي مقرر ڪيو ويو آهي.
گهوٽڪي ۾ 8 محرم الحرام جو ماتمي جلوس امام بارگاهه غازي عباس علمدار مان برآمد ڪيو ويو.
عمر ڪوٽ ۾ نبن سرڪار امام بارگاهه تان ماتمي جلوس برآمد ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
نوان جتوئي ۾ اٺ محرم الحرام تي قديمي ماتمي جلوس برآمد ڪري ياحسين جون صدائون بلند ڪيون ويون.
ڀٽ شاهه ۾ هر سال جيان 8 محرم جي رات خندق ڪاميٽي طرفان ٽانڊن تي تاريخي ماتم ڪيو ويو.
باهه جي ماتم لاءِ 22 فٽ ڊگهي ۽ اڍائي فٽ ويڪري خندق ٺاهي 100 مڻ ڪاٺ ٻاريو ويو، ڪاٺ ٽانڊن ۾ تبديل ٿيڻ بعد ماتم ڪيو ويو.
ڀريا روڊ ۾ 8 محرم الحرام تي ماتمي جلوس برامد ڪيا ويا، جڏهن ته سڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي موبائيل فون جو نيٽ ورڪ بند رکي ويو آهي.
شاهپور جهانيان ۾ مختلف امام بارگاهن تان ماتمي جلوس برآمد ڪري مجلسون ڀرپا ڪيون پيون وڃن.
ڪنري ۾ 8 محرم الحرام تي ماتمي جلوس برآمد ڪري ياحسين جو صدائون بلند ڪيون ويون، جڏهن ته جلوس جي رستن تي سبيبلون پڻ لڳايون ويون آهن.
کڏڙي ۾ 8 محرم الحرام تي مرڪزي امام بارگاهه گل شاهه غازي تان ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو.
کور واهه ۾ اٺ محرم الحرام تي مرڪزي امام بارگاهه تان ماتمي جلوس برآمد ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
جهنڊو مري ويجهو عثمان شاهه هڙي ۾ 8 محرم الحرام تي مرڪزي امام بارگاهه تان ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو.
خير محمد آريجا ۾ مرڪزي امام بارگاهه مان ماتمي جلوس برآمد ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
سڪيورٽي جي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، ماتمي جلوسن جي روٽن تي پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن…….- Advertisement -
