تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۾ 14ڄڻا فوت ۽ 29 زخمي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۾ 14ڄڻا فوت ۽ 29 زخمي ٿي پيا. ڄامشوري ويجهو موٽروي تي ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 9 زخمي ٿي پيا. لوڻي ڪوٽ ويجهو ٽرڪ ۽ مزدا وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين جي ٽنڊي الهيار واسي رميش ڪڇي، امرشي ڪڇي، چيتن ٺاڪر، نانجي ٺاڪر، رميش ٺاڪر ۽ امداد کوسو طور سڃاڻپ ٿي آهي. اطلاع تي وارث حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش کڻائي ٽنڊو الهيار منتقل ڪيا. ڄامشوري ويجهو انڊس هاءِ وي تي  ٽرڪ ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾  هڪ ڄڻو فوت ۽  4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي  لمس اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. فوتين جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو. ٻي پاسي ٽنڊي غلام حيدر ڀرسان  ٻٻري بس اسٽاپ وٽ سوزوڪي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ 20 مسافر زخمي ٿي پيا. حادثي ۾ پورهيت مگهو ڪولهي ۽ والجي ڪولهي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو ۽ عورتن ۽ ٻارڙن سيمت 20 مسافر زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي  لاش  ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو . هوڏانهن نئون ديرو ويجهو  جت ڀٽا پوليس چوڪي وٽ مزدا بينچ تي ستل بورچي  مٿان چڙهي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ بينچ تي ستل پوليس جي اسپيشل ٽيم جو بورچي مهراڻ شاهاڻي فوت ٿي ويو. گهوٽڪي ويجهو ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب سس ۽ ننهن فوت ٿي  ويون ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. حادثي ۾ عورت الهرکي ۽ سندس ننهن فوزيا چاچڙ فوت ٿي ويون ۽ اڪبر چاچڙ زخمي ٿي پيو. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضرور ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ميرپور ماٿيلي ويجهو لاهور کان ڪراچي ويندڙ عوامي ايڪسپريس مان پير ترڪڻ سبب مسافر هيٺ ڪري فوت ٿي ويو. حادثي ۾ فوت ٿيل جي سڃاڻپ ڪراچي واسي طور محمد طور ڪئي وئي، سندس لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو. ميرواهه گورچاڻي ۾ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان ناٿيو ميگهواڙ حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. جيڪب آباد ويجهو مزدا جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. حادثي ۾ 45 ورهين جو عنايت الله جکراڻي فوت ٿي ويو، سندس لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
22 %
2.5kmh
96 %
جمعو
26 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون