تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت

- Advertisement -
چمبڙ ڀرسان چنگچي رڪشا ۽ شهزور ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ عورتن ۽ ٻارڙن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. قادر بخش موري وٽ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 35 ورهين جي شاهد ملاح دم ڌڻي حوالي ڪيو. ڀريا روڊ ويجهو ڪراچي کان لاھور ويندڙ گرين لائن ايڪسپريس مان ڪرڻ سبب ناري فوت ٿي وئي. غلام آباد ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ٽرين مان اوچتو 20 سالن جي ناري ڪري پئي. علائقي واسين جي اطلاع ريلوي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري کي کڻي  اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ريلوي پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جي سڃاڻپ ناھي ٿي سگهي، وارثن جي ڳولا جاري آهي. ٽالهي ۾ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل عورت زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل عورت نور زادي زخمين جا سور نه سهندي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.9 ° C
20.9 °
20.9 °
45 %
1.8kmh
0 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون