تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت

- Advertisement -
سجاول ويجهو ٺٽي روڊ تي مزدا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ اسلام ڪوٽ واسي اوڀايو لنجواڻي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. نيو سعيد آباد ۾ بکر جمالي وٽ مهراڻ هاءِ وي تي روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. بکر جمالي وٽ  تيز رفتار ڪار جي ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ محمد عيسيٰ خاصخيلي واسي راشد خاصخيلي دم ڌڻي حوالي ڪيو. بهرام ۾ قمبر شهدادڪوٽ روڊ تي  مير حسن ڦاٽڪ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نينگري زهرا بروهي فوت ٿي وئي جڏهن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. هالا ڀرسان قومي شاهراهه تي حيدرآباد طرف ويندڙ مسافر وين جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 14 ورهين جو نينگر ساجد مگسي فوت ٿي ويو. سن ويجهو ڇڇر ٿاڻي جي حد ڳوٺ سرائي سولنگي وٽ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪي اين شاهه واسي نوجوان طارق حسين ٻگهيو فوت ٿي ويو. سرهاڙي ويجهو مهراڻ هاءِ وي تي ڪار  ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان راشد خاصخيلي فوت ٿي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
31 %
3.1kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون