سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ نينگري فوت ۽ عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اوٻاوڙي ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ نينگري فوت ۽ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
قومي شاهراهه تي تيز رفتاري سبب موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب 6 ورهين جي فاطمه سولنگي فوت ٿي وئي جڏهن ته سڪينه سولنگي ۽ امير سولنگي زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي نينگري جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
ڪوٽڏيجي ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي.
ڪوٽ بنگلو ۾ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر سبب ملهه پهلوان محمد خان ڦل سخت زخمي ٿي پيو.
حادثي بعد زخمي محمد خان ڦل کي ڪوٽڏيجي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.