تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سي ايم او جي امتحانن ۾ من پسند ماڻهن جي ڀرتين تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف احتجاج

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سي ايم او جي امتحانن ۾ من پسند ماڻهن جي ڀرتين تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا.

حيدرآباد ۾ سي ايم او جي امتحانن ۾ من پسند ماڻهن جي ڀرتين تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف سوين شاگردن پاران سروس ڪميشن جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

شاگردن پاران سياسي ڀرتيون بند ڪريو، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بند ڪريو جا نعرا هنيا ويا.

فيض گنج جي هيڊڪوارٽر واري شهر پڪا چانگ ۾ سول سوسائٽي طرفان سي ايم او جي امتحانن ۾ من پسند ماڻهن جي ڀرتين تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف تصور باقي، مصطفيٰ راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن الزام لڳائيندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ادارو پيپلزپارٽي سروس ڪميشن بڻجي چڪو آهي جتي ميرٽ بدران حڪومتي ڀوتارن جو مائٽ هئڻ ۽ ڳري رشوت کي ترجيح ڏني پئي وڃي.

هنن چيو ته سي ايم او جي امتحان ۾ 90 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي انٽرويو ۾ فيصل ڪري وڏي پئماني تي بيقاعدگيون ڪيون ويون آهن.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اختيارين خلاف ڪارروائي ڪري سي ايم او جا آرڊر رد ڪري نئين سر ميرٽ تي ڀرتي ڪئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون