تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافين پاران پيڪا ايڪٽ قانون خلاف احتجاجي مظاهرا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافين پاران پيڪا ايڪٽ قانون خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻو هنيا ويا آهن. ميرپورخاص ۾ پي ايف يو جي جي سڏ تي يونين آف جرنلسٽ طرفان شاهد خاصخيلي، بلال محمود، فهد سلطان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪنب ۾ صحافين اوشاق ڄامڙو، احمد رند، همت تمراڻي، صفدر چانڊيو، سانول ڳاهو، ثناءُ الله سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٺل ۾ به پي ايف يو جي سڏ تي صحافين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو. صحافين جو چوڻ هو ته مڙهيل قانون پيڪا کي هو مڪمل طور رد ڪن ٿا، ميڊيا کي اظهار جي آزادي هئڻ گهرجي. هنن چيو ته پيڪا قانون منظور ڪري آمريت جي ياد ڏياري وئي آهي، فيڪ نيوز جي آڙ ۾ صحافين جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. صحافين چتاءُ ڏنو ته جيستائين پيڪا ايڪٽ قانون واپس نه ورتو ويندو، تيستائين هو جدوجهد جاري رکندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
34 %
1.4kmh
22 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
31 °
اربع
28 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون