تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

نوابشاهه ۾ سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ تاج رند، امداد مغيري، غلام سرور خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ڄامشوري ۾ سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ عرفان برفت، ڪامريڊ نثار لاکير ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مک چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.

ميرپور ماٿيلي ۾ صحافي جان محمد مھر جي قاتلن ۽ مددگارن جي گرفتاريءَ لاءِ صحافين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين طرفان الھوسايو وسير، موسيٰ کوسو، اياز کھاوڙ، عمر ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب کان ڀٽائي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.

قمبر ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ قلم ڌڻين، سول سوسائٽي ۽ شهرن طرفان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

خانپور مھر ۾ صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين، سول سوسائٽي، سماجي اڳواڻن ۽ شھرين طرفان سائل قاضي، عظيم سيال ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾

تنگواڻي ۾ قلم ڌڻين سميت مختلف ڌرين طرفان صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سائين بخش باجڪاڻي، باري ملڪ، قاري ڪفايت الله، رحمدل لاشاري، قربان باجڪاڻي ۽ ٻين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.

مانجهند ۾ سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ گلزار ملاح، يوسف عمراڻي، محسن خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

نصير آباد ۾ قلم ڌڻين پاران صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ممتاز لنجواڻي، بشير احمد لغاري، احمد بخش ڏيپر ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري آرٿر واهه جي پل تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ٺڪراٺي ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قلم ڌڻين ۽ شهرين طرفان عبدالمجيد مهر، مير حسن منگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ٺاروشاهه ۾ قلم ڌڻين ۽ قومپرست اڳواڻن طرفان صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ غلام شبير اڄڻ، ثناءُ الله چنڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

خانپور ۾ سنڌ صحافي سنگت جي سڏ تي صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ رحيم لاڙڪ، محمد عاصم دايو، غلام قادر بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ باب حيدر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ڪنب ۾ سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ هريش ڪمار، نويد تمراڻي، مريد راڄپر ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ڊکڻ ۾سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ياسين ڌاريجو، غلام علي سانگي ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

گولاڙچي ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ صحافتي تنظيمن، سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي طرفان شهيد فاضل راهو چوڪ کان احمد راڄو روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ماتلي ۾ سنڌ صحافي اتحاد طرفان صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ستار عمراڻي، نصير سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڦلڪارا چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

جوهي ۾ سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ غلام رسول ٿهيم، عباس گاڏهي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

پکي ۾ قلم ڌڻين طرفان صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ عبدالوحيد ميئو، علي گل انقلابي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هڪ مهينو اڳ صحافي جان محمد مهر کي سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر ۾ قتل ڪيو ويو هو.

هنن چيو ته هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث جوابدار ۽ مددگارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.

سندن چوڻ هو ته هڪ مهيني کان قلم ڌڻي، سياسي سماجي ۽ قومپرست ڌرين سميت وارث سراپا احتجاج بڻيل آهي پر انتظاميا طرفان هن وقت تائين جوابدار گرفتار ناهن ڪيا ويا.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته صحافي جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث جوابدار ۽ مددگارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون