- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا.
سرهاڙي ۾ غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ شهرين پاران اڪبر زرداري، امتياز زرداري، محبوب زرداري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شهدادپور، نوابشاهه روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
پڊعيدن ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف عوامي تحريڪ، ايس يو پي، جسقم ۽ ٻين طرفان عبدالسلام سومري، هارون ڪلهوڙي، وسيم سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌو چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڪيتري ئي عرصي کان غير قانوني پرڏيهي آباد آهن، جيڪي سنڌين جي حقن تي ڌاڙا هنيو ويٺل آهن.
هنن چيو ته غير قانوني ترسيل پرڏيهي غريب مسڪين ماڻهن کي قتل ڪري بدامني پکيڙي رهيا آهن.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته افغان پناهگيرن سميت ٻين ڌارين کي فوري طور نيڪالي ڏني وڃي.- Advertisement -
