سنڌي جي مختلف شهرن ۾ فلسطينين جي حمايت ۽ اسرائيل جي غزا تي جاري بمباري خلاف سياسي سماجي تنظيمن، مذهبي جماعتن ۽ شهرين پاران احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران فلسطينين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ماما يوسف لغاري، آصف سومرو، ميان تاج محمد ڪيرو، الله بچايو سومرو ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
لاڙڪاڻي ۾ شيعه علما ڪائونسل طرفان مرضيه بتول، ظاهره بتول، نصرت فاطمه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسرائيل مرده باد ريلي ڪڍي وئي.
ٽنڊي الهيار ۾ شهرين طرفان فلسطينين جي حمايت ۽ اسرائيل جي غزا تي بمباري خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.
شهداد ڪوٽ ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران غزه تي اسرائيلي ظلم ۽ بربريت خلاف عنايت حسين عمراڻي، منير احمد بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
ٺل ۾ جماعت اسلامي طرفان فلسطينين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ امداد الله بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
پيروسڻ ويجهو کرڙا ۾ جي يو آءِ پاران اسرائيل جي غزا تي بمباري خلاف مولانا سعيد احمد، آصف محمود ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
دولپتپور صفن ۾ اسرائيل جي بربريت خلاف شهرين ۽ مذهبي تنظيمن طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي اسرائيلي وزيراعظم جي پتلي کي باهه ڏئي ساڙيو ويو.
اڏيرو لال ۾ جي يو آءِ پاران فلسطينين سان ٻڌي جي اظهار ۽ سندن مدد ڪرڻ لاءِ مولانا علي شير ڇٽو، مولانا عبدالقيوم جوڳي، عبدالوهاب ڦل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي.
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسرائيل ڪيترن ئي ڏينهن کان غزا تي هٿين خالي فلسطينين تي بمباري ڪري رهيو آهي، پر عالمي برادري خاموش تماشائي بڻيل آهي.
هنن انساني حقن جي عالمي تنظيمن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته فسلطينين مٿان اسرائيلي بمباري روڪرائي فلسطينين کي پنهنجا حق ڏنا وڃن.