تازه ترين
تنگواڻيءَ ۾ جسقم ۽ جساف پاران ٺل واسي معظم نوناري جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ٺل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ  جي اجلاس دوران فاطمه ڦرڙو جي ڊي اين اي سيمپلن ۾ ٽيمپرنگ ٿ... سنڌ جي مختلف شھرن ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ آيل پيسن مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ڏهين درجي جي سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليم وآله وسلم جي آمد جي سلسلي ۾ ر... سکر ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ڪوچ جي ڪلينر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ط... سنڌ هائيڪورٽ آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ ضمانت واري رقم جي واپسي باب...

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مهانگائي، نينگري  پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاج

تنگواڻيءَ ۾ بدامني ۽ اسڪول ويندڙ استاد کان ڦر ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

حيات پوليس چوڪي ويجهو هٿياربندن هٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪل تي اسڪول ويندڙ استاد نثار کوسي کي روڪي موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

شهرين طرفان رحمدل لاشاري، اعجاز ملڪ، نثار کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلوي ڦاٽڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

ڌرڻي سبب جعفر آباد روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ مسافرن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آهي چوري، ڦر ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.

هنن چيو ته هٿياربندن هٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪل تي اسڪول ويندڙ استاد نثار کوسي کي روڪي موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا.

سندن چوڻ هو ته ڏوهارين عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي جنهن سبب شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا آهن.

احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي استاد نثار کوسي کان ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,163FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
7 %
3.4kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون