ڪوٽڙي ۾ شهرين طرفان وڌندڙ مهانگائي خلاف عبدالستار لهر، نظير بليدي، احمد چانڊيو، عرس رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳچيءَ ۾ ماني ۽ هٿ ۾ رسو ٻڌي پيادل مارچ ڪري انوکو احتجاج ڪيو ويوآهي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته عام واهپي جي شئين جا اگهه وڌائي پورهيتن کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آهي.
هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪندي چيو ته وڌندڙ مهانگائي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي عام واهپي جي شين جي اگهن تي ضابطو آندو وڃي.


