سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ زيادتي بعد تشدد ڪري قتل ڪي نينگري فاطمه ڦرڙو ۽ سکر ۾ صحافي جان محمد مهر جي خون سان انصاف لاءِ سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
لاڙڪاڻي ۾ رواداري تحريڪ طرفان فاطمه ڦرڙو ۽ جان محمد مهر جي قتل خلاف شمن شيخ، حسنين، انمول، عليشا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
نوشهرو فيروز ۾ وڪيلن پاران صحافي جان محمد مهر ۽ فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ جو هو ته سکر ۾ جان محمد مهر کي حق سچ لکڻ تي گولين جو کاڄ بڻايو ويو.
مظاهرين چيو ته راڻيپور ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو کي وحشي جوابدارن زيادتي بعد تشدد ڪري قتل ڪيو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليس جي نااهلي سبب سنڌ ۾ شهري غير محفوظ بڻيل آهن.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فاطمه ڦرڙو ۽ جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن خون سان انصاف ڪيو وڃي………..