تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نينگري فاطمه ۽ صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين پاران احتجاج

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا .

دادو ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن پاران نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ شبير سولنگي، مظهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

خيرپور ناٿن شاهه ۾ ايس ٽي  پي پاران فاطمه ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد جي خون سان انصاف لاءِ  فقير علي حسن جانوري، سڪندر کوکر، عزيز جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي خراب ٿي چڪي آهي، پوليس عام شهرين ۽ صحافين جي جان ۽ مال جي تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام عي وئي آهي.

مظاهرين چيو ته هو  صحافي جان محمد مهر جي قتل ۽ راڻيپور واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته شهيد جان محمد مهر ۽ فاطما ڦرڙو جي قاتلن کي سخت سزا ڏئي عبرت جو نشان بڻايو وڃي ته جيئن ٻيهر اهڙا واقعا نه ٿين.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
12 %
0.6kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون