سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
قمبر ۾ سول سوسائٽي، درزي يونين ۽ پورهيتن طرفان خالد معرفاڻي، سڪندر صنم، قادر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو دهل وڄائي انوکو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڳڙهي ياسين ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن پاران پيٽرول جي اگهه ۾ هڪ ڌڪ سان 20 رپيا واڌ خلاف نبي داد پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ٻٻرلوءِ ۾ به شهرين پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
پريالي ۾ تيل اگهن ۾ واڌ خلاف ٽيڪسي ڊرائيورن پاران اختيار بڙدي، ارشاد، راڻو ، ظفر بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نئين پل وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
عثمان شاهه هڙي ۾ مزدورن، ٽيڪسي، مزدا ۽ رڪشا ڊرائيورن طرفان پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڊرائيورن ۽ پورهيتن مٺو پٺاڻ ۽ معشوق ساند جي اڳواڻي ۾ گاڏيو پيٽرول پمپن تي بيهاري احتجاجي مظاهرو ڪيو.
مظاهرين چيو ته حڪمران روانون پيٽروليم شين سميت عام واهپي جي شين ۾ واڌ ڪري غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
احتجاج ڪندڙن چيو ته ملڪ ۾ پهريان ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، ويتر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ غير معمولي واڌ سبب ماڻهو آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
هنن مطالبو ڪيوته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڪيل واڌ واپس ورتي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.