سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو پاران بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف آپريشن جاري آهي.
حيسڪو پاران ڄامشورو، سن، مانجهند، لاکا ۽ خانوٽ ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن ڪري غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا آهن.
ايڪسين سجاد پرويز ميمڻ جو چوڻ هو ته 50 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پوليس کي خط لکيو آهي.
سندس چوڻ هو ته بجلي چورن خلاف آپريشن جاري رهندو، شهرين کي گذارش آهي ته هو جلد بجلي جون رهتون ادا ڪن.


