تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪي اليڪٽرڪ، سيپڪو ۽ حيسڪو پاران بجلي جي چورن ۽ باقيدارن خلاف آپريشن ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ جو سلسلو جاري

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪي اليڪٽرڪ، سيپڪو ۽ حيسڪو پاران بجلي جي چورن ۽ باقيدارن خلاف آپريشن ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي.

حيدرآباد حيسڪو ريجن ۾ بجلي جي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.

حيسڪو ترجمان موجب، حيسڪو ريجن جي مختلف ضلعن ۾ 26 بجلي چورن کي گرفتار ۽ هڪ کان وڌيڪ ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن جڏهن ته 285 ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ليٽر مختلف ٿاڻن کي جمع ڪرايا ويا آهن، باقيدارن کان 3 ڪروڙ 57 لک رپيا اوڳاڙي به ڪيا ويا آهن.

خيرپور ۽ چونڊڪو جي سيپڪو انتظاميا بجلي چوري جي الزام هيٺ 6 ڄڻن خلاف 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا.

لائن سپرينٽينڊنٽ سڪندر علي ٽڳڙ ۽ لائن سپرينٽينڊنٽ شعيب خان علوي جي فرياد تي عابد جانوري، پپي ملڪ، حاجي ڀنڀرو، قادن شر، غلام نبي ۽ عطا محمد ڀنڀرو خلاف بي سيڪشن خيرپور ۽ سوراهه ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا.

پريالي ۾ ايس ڊي او شاهد شاهه جي فرياد تي بجلي چوري ۽ بل ادا ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو.

نوشهروفيروز ۾ سيپڪو انتظاميا طرفان مٺياڻي روڊ، پڊعيدن روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ 3 سئو کان وڌيڪ غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽي ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو جڏهن ته پوليس ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

عمرڪوٽ ۾ ايس ڊي او حيسڪو ذوالفقار آرائين جي فرياد تي راهول مالهي، لکاڏنو ۽ شهباز شهزاد خلاف بجلي چوري ۽ بقايا جا 3 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرايا ويا.

ٽنڊي الهيار ۾ حيسڪو انتظاميا طرفان بجلي چورن خلاف ڪارروايون تيز ڪندي ڏهن ڄڻن خلاف ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن.

سامارو ٿاڻي تي ايس ڊي او عبدالحميد جي فرياد تي اورنگزيب، توفيق قائمخاني ۽ محمد علي قائمخاني تي بجلي چوري جا 3 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا.

جهنڊو مري ۾ حيسڪو انتظاميا طرفان ڳوٺ بچل شاهه ۾ بجلي چوري ڪرڻ جو عمرساند ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو.

ڪنڊياري ۾ ايس ڊي او سيپڪو اسد الله ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سٽي فيڊر ون جي علائقي ۾ ڪارروائي ڪري غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽي تارون لاهي ساڙيون ويون.

بجلي چوري ۽ بقايا جي الزام هيٺ پنجن ڄڻن کي سوگهو ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو………..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
5.1 ° C
5.1 °
5.1 °
29 %
0.4kmh
0 %
خميس
5 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون