تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾  ڪي اليڪٽرڪ، سيپڪو ۽  حيسڪو پاران بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف آپريشن

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سانگهڙ ۾ حيسڪو طرفان مختلف علائقن ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن ڪري 5 سئو غير قانوني ڪنيشن ڪاٽيا ويا آهن.

ايس ڊي او حيسڪو جو چوڻ هو ته شهر جي مختلف علائقن مان ڪنڊا ڪنيڪشن ڪٽيا ويا آهن، بجلي چورن تي ڪيس داخل ڪرايو  ويندو.

ڪنڊياري ۽ ڀرپاسي ۾ ۾ به بجلي چورن خلاف سيپڪو آپريشن ڪري غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽي تارن کي باهه ڏئي ڇڏي.

سيپڪو ايس ڊي او جو چوڻ آهي ته سٽي ٽو، سٽي ون فيڊر ۾ آپريشن ڪري غير قانوني طور بجلي هلائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي.  

ٻي پاسي سنڌڙي ۾ حيسڪو پاران مختلف علائقن ۾ بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي.

حيسڪو عملدار ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪارروائي ڪري غيرقانوني طور هلندڙ  ڪنڊا ڪنيڪشن ڪٽي تارون پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

حيسڪو عملدارن جو چوڻ هو ته بجلي چوري ۾ ملوث ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرايا ويندا..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
12 %
4.7kmh
0 %
جمعو
24 °
ڇنڇر
32 °
آچر
30 °
سُومر
34 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون