سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئي آهي، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ ٻن نينگرن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ننگرپارڪر جي مختلف علائقن ۾ وسڪارو ٿيو.
ڳوٺ ويري ڪولهي ۾ برسات دوران وڄ ڪِرڻ جي نتيجي ۾ 2 نينگر 12 سالن جو نهچل ۽ 13 ورهين جو مولچند ڪولهي فوت ٿي ويا.
چوهڙ جمالي ۾ به برسات دوران وڄ ڪِرڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا
اسلام ڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب 12 ٻڪريون مري ويون.
بدين، ڪڍڻ، ٻهدمي، سيراڻي، لواري شريف، نندو، کوسڪي ۽ سامونڊي پٽي ۾ تيز برسات جو وسڪارو ٿيو.
ساماري ۽ ڀرپاسي تيز هوا سان گڏ برسات سبب شهري روڊن تي نڪري برسات جو مزو وٺڻ ۾ مصروف رهيا.
ڊگهڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات سبب شهر جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو.
سنڌڙي ۽ ڀرپاسي ۾ چوماسي جي تيز برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو.
ٽالهي، شير پور نهٽو، نصير چانڊيو، محمد آباد چڪچار سميت ٻين علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ چوماسي جي زبردست وسڪاري سبب گرميءِ جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي.
ميرواهه گورچاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان چوماسي جي برساتن جو سلسلو جاري رهيو، جنهن سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي.
تجل ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفان ۽ گجگوڙ سان گڏ زوردار برسات جو وسڪارو گرمي جو زور ٽٽي ويو…