سنڌ جي مختلف علائقن ڌار ڌار واقعن ۾ ٽي ڄڻا ٻڏي فو ت ٿي ويا
بڊاڻي ويجهو ڳوٺ قطب الدين ڀٽو ۾ ٻه نينگريون پاڻي جي تلاءُ ۾ ٻڏي ويو، 5 سالن جي شڪيلا ڀٽو فوت ٿي وئي، جڏهن ته ستن سالن جي جميلا کي بچايو ويو.
وارثن لاش ۽ بيهوش نينگري کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٻئي نينگريون راند ڪندي پاڻي جي تلاءُ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿيو هو.
دريا خان مري ويجهو نينگري چاناري شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي، علائقي واسين نينگري جو لاش پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ جلال لاشاري ويجهو 8 سالن جي جوتي ڌيءُ پيارو ڀيل چاناري شاخ ۾ ٻڏي وئي.
علائقي واسين پهچي نينگري جو لاش پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته راند ڪندي پير ترڪڻ سبب نينگري شاخ ۾ ڪري ٻڏي وئي.
نينگري جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
ڪنب جي مھراڻ ڪالوني۾ 26سالن جو نوجوان عزيز سولنگي پاڻي جي کڏي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو.
وارثن نوجوان جو لاش پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان مرگھي جي مرض ۾ مبتلا ھول دورو پوڻ سبب هو کڏي ۾ ڪري فوت ٿيو آهي.