تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف علائقن ڌار ڌار واقعن ۾ ٽي ڄڻا ٻڏي فو ت ٿي ويا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي مختلف علائقن ڌار ڌار واقعن ۾ ٽي ڄڻا ٻڏي فو ت ٿي ويا

بڊاڻي ويجهو ڳوٺ قطب الدين ڀٽو ۾ ٻه نينگريون پاڻي جي تلاءُ ۾ ٻڏي ويو، 5 سالن جي شڪيلا ڀٽو فوت ٿي وئي، جڏهن ته ستن سالن جي جميلا کي بچايو ويو.

وارثن لاش ۽ بيهوش نينگري کي کڻائي  اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٻئي نينگريون راند ڪندي پاڻي جي تلاءُ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿيو هو.

دريا خان مري  ويجهو نينگري چاناري شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي، علائقي واسين نينگري جو لاش پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ جلال لاشاري ويجهو 8 سالن جي جوتي ڌيءُ پيارو ڀيل چاناري شاخ ۾ ٻڏي وئي.

علائقي واسين پهچي نينگري جو لاش پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

وارثن جو چوڻ آهي ته راند ڪندي پير ترڪڻ سبب نينگري شاخ ۾ ڪري ٻڏي وئي.

نينگري جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.

ڪنب جي مھراڻ ڪالوني۾ 26سالن جو نوجوان عزيز سولنگي پاڻي جي کڏي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو.

وارثن نوجوان جو لاش پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان مرگھي جي مرض ۾ مبتلا ھول دورو پوڻ سبب هو کڏي ۾ ڪري فوت ٿيو آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
18.2 ° C
18.2 °
18.2 °
28 %
2.2kmh
100 %
اڱارو
27 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون