تازه ترين

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ عورت سميت پنج ڄڻا فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ عورت سميت پنج ڄڻا فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا.

ڪراچي ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

شاهراهه فيصل تي بس ماڻهن مٿان چڙهي وئي.

حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو.

پوليس جو چوڻ آهي ته بس جو ٽائر ڦاٽڻ سبب حادثو پيش آيو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

دوداپور ويجهو ميرانپور ٿاڻي جي حد ۾ ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب پيرسن فوت ٿي ويو.

رواهي لاڙي وٽ روڊ حادثي ۾ 60 ورهين جو زهرو لرڙواڻي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اڏيرو لال ويجهو ڪوچ جي ٽڪر ۾ واٽهڙو نوجوان فوت  ٿي ويو.

کيبر ڀرسان پيٽرول پمپ آڏو روڊ حادثي ۾ 30 سالن جو سومر چوهاڻ فوت ٿي ويو.

اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

ٽنڊو محمد خان ڀرسان ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پيرسن فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڪنڊرا ويجهو چئنل موري روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ ۽  موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ 60 ورهين جو منٺار، نوجوان شهباز ۽ اصغر زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو ويو جتي پيرسن منٺار زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.

فوتي پيرسن جو مڙهه اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

هوڏانهن پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

آخري اطلاعن تائين حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو.

دولتپور صفن ويجهو ٻه ڏينهن اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان علي گل راهو زخمن جا سور نه سهندي نوابشاهه جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.

ٻه ڏينهن اڳ شجاع راهو اسٽاپ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ سيد نجف شاهه، علي گل راهو، سيد اويس شاهه جيلاني ۽ طارق عمراڻي زخمي ٿي پيا هئا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
20 %
1.9kmh
0 %
ڇنڇر
18 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون