سنڌ جي نامزد وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر  نگران سيٽ اپ جي مدي ۾ واڌ جو امڪان رد

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي نامزد وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر  نگران سيٽ اپ جي مدي ۾ واڌ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو.

ڪراچيءَ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي سنڌ ٽي وي نيوز سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته ملڪ ۾ اهڙي صورتحال ناهي جو ڪو به قدم آئين کان هٽي ڪري سگهجي.

پنهنجي ڪابينا بابت سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته ڪابينا ۾ اهم، سچن، ايماندار ۽ ڪميٽيڊ ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو.

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هن فيصلا به آئين ۽ قانون موجب ڪيا آهن ۽ نگران وڏي وزير طور ڪم به آئين ۽ قانون موجب ڪندو.

بدامني تي ضابطو آڻڻ بابت هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته اڳ ۾ هو ڏسندو ته ڪٿي ڪوتاهي، غفلت ۽ ڪمزوري آهي ان کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
26%
2.4m/s
0%
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
26 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون