تازه ترين

سنڌ جي نامزد وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر  نگران سيٽ اپ جي مدي ۾ واڌ جو امڪان رد

سنڌ جي نامزد وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر  نگران سيٽ اپ جي مدي ۾ واڌ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو.

ڪراچيءَ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي سنڌ ٽي وي نيوز سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته ملڪ ۾ اهڙي صورتحال ناهي جو ڪو به قدم آئين کان هٽي ڪري سگهجي.

پنهنجي ڪابينا بابت سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته ڪابينا ۾ اهم، سچن، ايماندار ۽ ڪميٽيڊ ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو.

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هن فيصلا به آئين ۽ قانون موجب ڪيا آهن ۽ نگران وڏي وزير طور ڪم به آئين ۽ قانون موجب ڪندو.

بدامني تي ضابطو آڻڻ بابت هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته اڳ ۾ هو ڏسندو ته ڪٿي ڪوتاهي، غفلت ۽ ڪمزوري آهي ان کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
12 %
0.6kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون