تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي نامياري اداڪار شهباز درانيءَ کي وڇڙي 7 سال وِهامي ويا

- Advertisement -
سنڌ جي نامياري اداڪار شهباز درانيءَ کي وڇڙي 7 سال وِهامي ويا، اڄ سندس سَتين ورسي ملهائي پئي وڃي. 31 ڊسمبر 1935ع تي حافظ محمد خان جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شهباز دراني 25 ورهين جي ڄمار ۾ رنگ محل فلم ذريعي شوبز جي دنيا ۾ قدم رکيو. شهباز دراني سنڌي، اردو، پشتو، پنجابي، سرائيڪي ۽ انگريزي فلمن ۾ ڪم ڪري وڏو نالو ڪمايو، پر سنڌي ڊرامي “راڻيَ جي ڪهاڻي” کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. انگريزي فلم “جناح”  ۾ شهباز درانيءَ خان عبدالغفار خان جو ڪردار ادا ڪيو. شهباز درانيءَ ڪيترن ئي سنڌي، اردو ۽ پشتون ڊرامن ۾ مختلف ڪردار ادا ڪري پاڻ مڃرايو. شهبازدرانيءَ سنڌ ٽي وي جي به ڪيترن فلم ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ فلم “غلام مصطفيٰ” بارود جي جنگ، ڊراما سيريل “راڻي”، ”وارث“ ، “منزلون”، “شانتي” ۽ ٻيا شامل آهن. شهباز دراني آبپاشي کاتي ۾ سب انجنيئر طور ڀرتي ٿيو  ۽ ايڪسين طور رٽائر ٿيو، کيس پاڻي معاملن جي سٺي ڄاڻ هئي. شوبز ۾ شاندار خدمتن عيوض شهباز درانيءَ کي مختلف ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو. هر فن مولا فنڪار شهباز دراني 21 آڪٽوبر 2017ع تي هميشه لاءِ وڇڙي ويو، پر هو پنهنجي ڪم ذريعي اڄ به زنده آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
19.4 ° C
19.4 °
19.4 °
13 %
3.3kmh
63 %
جمعو
19 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون