سپريم ڪورٽ انٽرا پارٽي چونڊن جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ انٽرا پارٽي چونڊن جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا وڪيل ميرٽ تي دليل نه ڏئي رهيا آهن، فيصلي ۾ ڪابه غلطي ثابت نه ڪئي وئي آهي، نظرثاني درخواست خارج ڪئي وڃي ٿي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ انٽرا پارٽي چونڊن جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. تحريڪ انصاف جي وڪيل حامد خان نظرثاني درخواست لاءِ لارجر بينچ جوڙڻ جي اپيل ڪئي. وڪيل حامد خان موقف اختيار ڪيو ته ڪيس لارجر بينچ جي جوڙجڪ لاءِ ڪميٽي کي اماڻيو وڃي. بئرسٽر علي ظفر چيو ته آئيني ترميم ٿي چڪي آهي، ان لاءِ سپريم ڪورٽ هاڻي هي ڪيس نه ٻڌي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته هن اڃا تائين ترميم ناهي ڏٺي ۽ کين ان بابت ڪابه ڄاڻ ناهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا وڪيل ميرٽ تي دليل نه ڏئي رهيا آهن، فيصلي ۾ ڪابه غلطي ثابت نه ڪئي وئي آهي، نظرثاني درخواست خارج ڪئي وڃي ٿي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
54%
2.4m/s
0%
اربع
31 °
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون