تازه ترين

سنڌ جي نامياري اداڪار شهباز درانيءَ کي وڇڙي 7 سال وِهامي ويا

سنڌ جي نامياري اداڪار شهباز درانيءَ کي وڇڙي 7 سال وِهامي ويا، اڄ سندس سَتين ورسي ملهائي پئي وڃي.

31 ڊسمبر 1935ع تي حافظ محمد خان جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شهباز دراني 25 ورهين جي ڄمار ۾ رنگ محل فلم ذريعي شوبز جي دنيا ۾ قدم رکيو.

شهباز دراني سنڌي، اردو، پشتو، پنجابي، سرائيڪي ۽ انگريزي فلمن ۾ ڪم ڪري وڏو نالو ڪمايو، پر سنڌي ڊرامي “راڻيَ جي ڪهاڻي” کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو.

انگريزي فلم “جناح”  ۾ شهباز درانيءَ خان عبدالغفار خان جو ڪردار ادا ڪيو.

شهباز درانيءَ ڪيترن ئي سنڌي، اردو ۽ پشتون ڊرامن ۾ مختلف ڪردار ادا ڪري پاڻ مڃرايو.

شهبازدرانيءَ سنڌ ٽي وي جي به ڪيترن فلم ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ فلم “غلام مصطفيٰ” بارود جي جنگ، ڊراما سيريل “راڻي”، ”وارث“ ، “منزلون”، “شانتي” ۽ ٻيا شامل آهن.

شهباز دراني آبپاشي کاتي ۾ سب انجنيئر طور ڀرتي ٿيو  ۽ ايڪسين طور رٽائر ٿيو، کيس پاڻي معاملن جي سٺي ڄاڻ هئي.

شوبز ۾ شاندار خدمتن عيوض شهباز درانيءَ کي مختلف ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو.

هر فن مولا فنڪار شهباز دراني 21 آڪٽوبر 2017ع تي هميشه لاءِ وڇڙي ويو، پر هو پنهنجي ڪم ذريعي اڄ به زنده آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
119,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
21 %
2.1kmh
0 %
آچر
20 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون